اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف کي اندروني سياست ۽ معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي: پاڪستان

پاڪستان آ ايم ايف مشن چيف جي بيان کي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) کي ڪنهن به ملڪ جي اندروني سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان قانون مطابق ئي هلي رهيو آهي، آ ايم ايف مشن چيف جو بيان غير معمولي نوعيت جو آهي ۽ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ آ ايم ايف جو مينڊيٽ ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشا غوث چيو ته جيڪڏهن اسان جي آ ايم ايف سان ڊيل نه ٿي ته ناڻي واري وزارت اکيون بند ڪري ناهي بيٺي، پلان بي هر وقت موجود هوندو آهي پر اسان جي ترجيح آءِ ايم ايف پروگرام آهي. هن چيو ته قرض پروگرام ۾ دير ٿيڻ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ٻنهي جي مفاد ۾ ناهي، وزيراعظم عالمي مالياتي فنڊ جي ايم ڊي کي شرطن تي عملدرآمد ۽ پروگرام کي مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته نئين مالي سال جي بجيٽ کان اڳ اسٽاف ليول جو معاهدو ٿي ويندو ۽ 30 جون تي آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ٿي ويندو. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته عائشه نئين مالي سال جي بجيٽ چونڊ اليڪشن واري سال جي بجيٽ هوندي ۽ بجيٽ کي 9 جون جي حساب سان تيار ڪيو پيو وڃي، بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو ويندو ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته عام ماڻهو تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي اجازت ڏئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button