جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم ٽه رڪني انڪوائري ڪميشن به آڊيو ليڪس ڪميشن جو ڪيس ٻڌندڙ سپريم ڪورٽ جي بئنچ تي اعتراض اٿاري ڇڏيو، انڪوائري ڪميشن جي سيڪريٽري سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وفاق کان پوءِ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بئنچ تي اعتراض اٿاري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل انڪوائري ڪميشن جي جواب ۾ چيو ويو ته آئيني درخواستون شنوائي جوڳيون نه آهن انڪوائري ڪميشن 5 رڪني بئنچ جوڙڻ جي طور طريقي تي به اعتراض ڪندي چيو ته بئنچ جي جوڙجڪ جو معاملو ججز ڪميٽي جي سامهون ناهي آيو، بهتر ٿيندو ته ججز ڪميٽي پاران بئنچ جي جوڙجڪ تائين 5 رڪني بئنچ شنوائي موخر ڪري ڇڏي، انڪوائري ڪميشن چيو ته ڪميشن کي ٻڌڻ بنا ان جي ڪاروائي روڪي وئي، مبينه آڊيو ليڪس جي ٻين ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي نه ئي ڪميشن تي اعتراض اٿاريو، ڪميشن آرٽيڪل 209 تي پنهنجو موقف پهرين اجلاس ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو، واضح ڪيو هو ته ڪميشن جي ڪاروائي کي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي نه سمجهيو وڃي. جواب ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ بار جي صدر آڊيو ليڪ ڪميشن خلاف درخوست داخل ڪئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ هي ڪيس نه ٻڌي، ذاتي مفادن بابت ڪيس ڪو جج نٿو ٻڌي سگهي. انڪوائري ڪميشن چيو ته ڪميشن کي آڊيو ليڪس جي انڪوائري ۾ ڪا ذاتي دلچسپي نه آهي، ڪميشن کي هي ذميواري قانون تحت ڏني وئي آهي، ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنهنجي ذميواري پوري ڪندو. ڪميشن يقين ڏياري ٿو ته ڌرين جي اٿاريل اعتراضن کي ٻڌي ۽ انهن تي غور ڪيو ويندو، صحافي قيوم صديقي ۽ خواجا طارق رحيم ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهن، ججز جو حلف آهي ته اهي آئين ۽ قانون مطابق فرض ادا ڪندا، جواب ۾ چيو ويو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجرل ايڪٽ خلاف 6 درخواست گذارن سان گڏوگڏ خواجا طارق رحيم به درخوست داخل ڪئي رجسٽرار آفيس اعتراض لڳايا ته هي درخواستون 3/184 تحت ٻڌڻي جوڳيون نه آهن، رجسٽرار آفيس جي اعتراضن جي خلاف چيمبر اپيل جي ٻڌڻي ڪرڻ بنا ڪيس 8 رڪني بئنچ سامهون مقرر ڪيو ويو، 8 رڪني بئنچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي قانون تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو. ڪميشن چيو ته هو عوام جو پئسو بچائڻ لاءِ پنهنجو وڪيل نه پيو ڪري، درخوست آهي ته سيڪريٽري جي ذريعي کليل عدالت ۾ هي جواب پڙهي ٻڌايو وڃي، ڪميشن عدالت کي يقين ڏياري ٿو ته ڪارروائي ۾ سڀ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close