اسلام آباد : ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين 38 سيڪڙو تي پهچي وئي، مئي ۾ مهانگي تقريبن 4 سيڪڙو وڌيڪ رهي. تعليم، صحت، بجلي، گئس ۽ ٻارڻ سميت هر شئي مهانگي ٿي وئي. ناڻي واري وزارت مئي ۾ مهانگائي جو ڪاٿو 34 کان 36 سيڪڙو لڳايو هو، شهري علائقن ۾ مهانگائي 35 ڏهائي هڪ سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي 42 ڏهائي 2 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. ڳڻپ کاتي موجب شهري علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون 48 ڏهائي 65 سيڪڙو مهانگيون رهيون، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون 52 ڏهائي 4 سيڪڙو مهانگيون رهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close