اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان طرفان آگسٽ ۾ آئي ايم ايف سان نئون معاهدو ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت آگسٽ ۾ آئي ايم ايف سان نئون معاهدو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. نئون بيل آئوٽ پروگرام ٽن سالن کان وڌيڪ جو هوندو. ذريعن مطابق آئي ايم ايف سان هلندڙ قرض پروگرام جو مدو 30 جون تي ختم ٿيندو. نگران حڪومت ذريعي آئي ايم ايف کان نئون قرض پروگرام وٺڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون. ناڻي وزارت آگسٽ ۾ آئي ايم ايف سان نئون معاهدو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. موجوده حڪومت پروگرام ۾ واڌ نه ڪرائيندي طارق باجوا ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري نئين پروگرام بابت ورڪنگ ۾ مصروف آهن. ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق نئون قرض معاهدو موجوده پروگرام کان وڌيڪ سخت ۽ ٽن سالن کان مٿي جو هوندو. آئي ايم ايف سان نئون معاهدو نه ڪيو ويو ته آڪٽوبر تائين ڊيفالٽ جو خطرو ٿي ويندو. هلندڙ سال ڊسمبر تائين پاڪستان کي وڏيڪ 9 کان 11 ارب ڊالر جون پرڏيهي ادائيگيون ڪرڻيون آهن. ايندڙ بجيٽ ۾ ڪل 22 کان 24 ارب ڊالر ادائيگيون ڪرڻيون پونديون. موجوده پروگرام مڪمل ٿيڻ بنا 30 جون تي ختم ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button