پاڪستانسنڌ

يارولنڊ ڀرسان جوابدار ڪارنهن الزام ۾ ڀائيٽي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

جروار: يارولنڊ ۾ ڪارنهن الزام ھيٺ ٻٽو قتل، لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. تفصيل موجب جروار لڳ يارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابوبڪر لنڊ ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري 25 سالن جي نوجوان صاحب ڏنو لنڊ سميت پنھنجي ڀائيٽي صوبيا لنڊ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اهڙي اطلاع باوجود پوليس ٻن ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن بعد مقتولا ناري ۽ نوجوان جا لاش سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايا وييا، جتان ٻنهي جا پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن يارولنڊ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻٽو قتل ٿيو آهي، جنهن جي جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف علائقي واسين موجب ڳوٺاڻي الهرکيو لنڊ ڳوٺ جي نوجوان صاحب ڏنو لنڊ ۽ پنهنجي شادي شدا ڀائٽي صوبيا لنڊ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button