پاڪستانسنڌ

پيپلز بس سروس جي ايپليڪيشن تي ڪم جلد مڪمل ڪريو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون جاري ڪيون ته انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم، اي ڪارڊ سسٽم تي ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز بس سروس جي ايپليڪيشن تي به ڪم فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري سليم راجپوت، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شرجيل انعام ميمڻ حڪم جاري ڪيا ته پيپلز بس سروس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اليڪٽرڪ بسز جي چارجرز جي کوٽ جلد ختم ڪئي وڃي، چارجرز جو جلد کان جلد بندوبست ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته جن روٽيس تي بس سروس شروع نه ٿي آھي، اُنھن روٽس تي به جلد کان جلد بس سروس شروع ڪئي وڃي. پيپلز بس سروس جي اسٽاپن جو ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button