لاهور: پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي ظهور الاهي روڊ تان گرفتار ڪري ورتو. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي سي آءِ اي اقبال ٽائون جي ٽيم لاهور جي ظهور الاهي روڊ تي سندس رهائشگاهه ظهور پيلس وٽان شام ساڍي 5 وڳي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، پرويز الاهي جي گرفتاري دوران سي سي پي او لاهور به موقعي تي موجود هو. ذريعن موجب پنجاب پوليس گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان چوڌري پرويز الاهي کي ڳولي رهي هئي ۽ جيئن ئي هو ظهور الاهي روڊ تي پهتو ته اتي موجود پوليس اهلڪارن کيس گرفتار ڪري ورتو، چوڌري پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن لاهور جي حوالي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن هيڊڪوارٽر ۾ داخل 70 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن جي عدالت چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت رد ڪئي هئي ۽ کيس گرفتار ڪري 2 جون تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اينٽي ڪرپشن جي قانوني ٽيم طرفان 2 جون تي پرويز الاهي جي امڪاني غير حاضري تي پرويز الاهي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي تياري ڪئي هئي، اشتهار جي صورت ۾ سڄي شهر ۾ پرويز الاهي خلاف پوسٽر لڳائڻا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي خلاف دهشتگردي سميت 10 قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن ترجمان جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي ڪرپشن جي مختلف ڪيسن ۾ اينٽي ڪرپشن کي گهربل هو، چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت ڪجهه ڏينهن اڳ اينٽي ڪرپشن عدالت رد ڪئي هئي،
چوڌري پرويز الاهي ضمانت لا جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو هو. ترجمان چيو ته اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان اڳوڻي وڏي وزير کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، اڄ چوڌري پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن ٽيم فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو. پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عامر مير چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پرويز الاهي جي گرفتاري وڏي ڪاميابي آهي، هنن چيو ته چوڌري پرويز الاهي گرفتاري دوران مزاحمت به ڪئي ۽ جنهن گاڏي ۾ موجود هو، اها بلٽ پروف هئي، جڏهن هن دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته دروازو نه کوليو ويو، جنهن بعد هنن گاڏي جا شيشا ٽوڙي دروازو کوليو ته گاڏي ۾ چوڌري پرويز الاهي موجود هو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو. چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي پنهنجي والد جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پوليس منهنجي پيءُ کي ڪوڙو الزام هڻي گرفتار ڪيو آهي، اسان پي ٽي آءِ ۾ آهيون ۽ رهنداسين، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مونس الاهي وڌيڪ چيو ته جڏهن جنوري ۾ گرفتارين جو سلسلو شروع ٿيو ته منهنجي والد مون کي چيو ته گرفتار ٿيڻ باوجود پي ٽي آءِ جو ساٿ نه ڇڏيو ويندو.