پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ 6 مهينا اڳ اغوا ٿيل 13 ورهين جي ڇوڪري بازياب

ڪراچي : اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل ڪراچي ۾ 6 مهينا اڳ اغوا ٿيل ڇوڪري کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ايس ايس پي اي وي سي سي ذيشان صديقي موجب اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل قائد آباد ۾ ڪارروائي ڪندي 13 ورهين جي اغوا ٿيل مشال نور کي بازياب ڪرايو آهي، جڏهن ته 2 اغوا ڪندڙن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته مشال کي ڊسمبر 2022 ۾ سعيد آباد مان اغوا ڪيو ويو هو، واقعي جو ڪيس ڇوڪري جي والد جي فرياد تي سعيد آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نعمان ۽ لعل محمد کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button