پاڪستانسنڌ

فواد چوڌري بابت منظور وساڻ ۽ ناصر شاهه جا ڌار ڌار بيان سامهون اچي ويا

ڪراچي: تازو ئي پاڪستان تحريڪ انصاف کي الوداع ڪندڙ فواد چوڌري جي مستقبل بابت پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ورهايل آهن. پ پ اڳواڻ منظور وساڻ ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جا فواد چوڌري بابات الڳ الڳ بيان سامهون آيا آهن. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ خواب ڏسندڙ منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري پراڻو جيالا آهي، هو پيپلز پارٽي ۾ ايندو، فواد اسان جو هو ۽ اسان جو ئي رهندو. جڏهن ته انهي بيان جي برعڪس صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته اسان سمجهي رهيا هئاسين ته هاڻي فواد چوڌري ڪجهه شرم ۽ حياءَ جو مظاهرو ڪندو پر نه، فواد چوڌري چيو هو ته ملڪ کي آصف زرداري ۽ نواز شريف جي حوالي نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته فواد چوڌري پنهنجي سياسي ساک ۽ حيثيت جيتري ڳالهه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button