پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جو لياري ايڪسپريس وي تي نان اسٽاپ پيپلز بس سروس هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت شهر قائد ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي تي نان اسٽاپ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ڪرن شيخ، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ميمبر منير ميمڻ، ڊي آءِ جي نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس جاويد علي مهر، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز، اين آر ٽي سي عملدارن شعيب احمد، عبدالشکور آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ موٽر وي پوليس پاران لياري ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ جي روانگي بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لياري ايڪسپريس وي تي شروعاتي طور تي ٽيسٽ بس هلائڻ ۽ سروس شروع ڪرڻ بابت سروي ڪرايو وڃي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس هلائڻ سان باقي روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. سنڌ حڪومت عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ٽيسٽ بس سروس ۽ سروي مڪمل ڪري 11 جون تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button