پاڪستانسنڌ

ها ڪورٽ جعفر ڀٽو جي اغوا واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

خيرپور/ھڱورجا: هڱورجا ڀرسان ڳوٺ موريل ڀٽو مان 76 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل چئن سالن جي معصوم ٻارڙي جعفر ڀٽو جو سنڌ ها ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي نوٽيس وٺندي سيشن جج خيرپور، ڊي آ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ها ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي خيرپور مغوي ٻارڙي جي پي صادق ڀٽو کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو آهي. مغوي ٻارڙي جي پي محمد صادق ڀٽو چيو آھي ته منھنجي معصوم پٽ جي اغوا واقعي بعد اڍائي مھينن کان پوليس عملدار رڳو دلاسا ڏئي رهيا آهن، سنڌ ھا ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نوٽيس وٺڻ بعد اھا اميد ٿي آھي ته منھنجو پٽ ھاڻي جلد بازياب ٿيندو. ياد رهي ته پوليس جي جوڙيل ٽيمن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button