اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۾ الڳ گروپ ناهي ٺاهيو،اها ڳالهه بلڪل غلط آهي:جسٽس فائز

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان اختلافن جي خبرن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي. هن چيو ته اها ڳالهه به حقيقت جي ابتڙ آهي ته مون سپريم ڪورٽ ۾ هڪ الڳ گروپ ٺاهيو آهي، اها ڳالهه بلڪل غلط آهي.ڪالهه پنهنجي وضاحتي بيان ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جسٽس اقبال حميد الرحمان ڪالهه شرعي ڪورٽ جي چيف جسٽس طور پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. پروگرام جي پڄاڻي تي آئون سڀني کان اڳ ان جي گهرواري وٽ سلام ڪرڻ ۽ کيس مبارڪباد ڏيڻ ويس. ان کانپوءِ مان شريعت ڪورٽ جي اڳوڻي عالم جسٽس ڊاڪٽر محمد انوار سان ڳالهائڻ لاءِ ويس، جتي جسٽس عمر عطا بنديال به ان سان ملڻ لاءِ پهتو، ڪنهن اهو لمحو رڪارڊ ڪيو ۽ ان سان غلط طور ان ڳالهه کي وڌائي ڇڏي ته مون جسٽس بنديال کي سلام نه ڪيو. جڏهن ته مان ان کان ڪجهه منٽ اڳ اهو ڪري چڪو هيس، منهنجي رُخ مَٽائڻ جو سبب اهو هو ته جسٽس رحمان جي گهرواري پنهنجي مٽن مائٽن سان منهنجو تعارف ڪرائي رهي هئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ميڊيا ۾ غلط تعبيرون سامهون آيون آهن، منهنجي درخواست آهي ته حقيقت جي ابتڙ خبرون نه هلايو، ڇو ته اهي غير ضروري غلط فهمين ۽ نقصان جو سبب بڻجن ٿيون. ڳٺ جوڙ ذريعي ڪوڙين ڪهاڻين جو نشانو بڻجڻ سبب مون کي ۽ منهنجي خاندان کي ان تڪليف جو چڱي ريت اندازو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن قرآن پاڪ جو حوالو به ڏنو، جنهن جو ترجمو آهي ته “خبر پکيڙڻ کان اڳ ان جي صداقت جي تحقيق ڪندا ڪيو، ڪٿي ائين نه ٿئي ته توهان ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي لاعلمي سبب نقصان پهچائي ويهو”.سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج چيو ته ان سلسلي ۾ اها ڳالهه به حقيقت جي ابتڙ آهي ته مون سپريم ڪورٽ ۾ هڪ الڳ گروپ ٺاهيو آهي، اها ڳالهه بلڪل غلط آهي. مان آئين جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ پنهنجي عهدي جي حلف جو پابند آهيان ۽ ان کانسواءِ ڪنهن ڳالهه جي تائيد نٿو ڪري سگهان. حقيقتون چٿي هڪ تڪراري بيانيو ٺاهڻ اداري لاءِ نقصانڪار آهي، اسان کي غير ضروري معاملن ۾ پوڻ بدران گڏجي اهڙو مضبوط عدالتي نظام تعمير ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سڄو ڌيان تڪڙي انصاف جي فراهمي تي هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button