اسلام آبادپاڪستان

16 سالن کانپوءِ 54 ارب قرض معافي جو پاڻمرادو نوٽيس شنوائي لا مقرر

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ بينڪن مان 54 ارب رپين جا قرض کڻي معاف ڪرائيندڙ 222 ماڻهن خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس شنوائي لا مقرر ڪري ڇڏيو. ايڪسپريس نيوز موجب جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 54 ارب رپين جي قرض معافي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي شنوائي 7 جون تي ڪندي. بينچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن. سپريم ڪورٽ ان حوالي سان ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 2007 ۾ بينڪن جا قرض معاف ڪرائيندڙ 222 ماڻهن خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button