پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ عورت جو پاڻي جي ٽانڪي مان لاش هٿ، مڙس ۽ سهرو گرفتار

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ عورت جو پاڻي جي ٽانڪي مان لاش مليو، پوليس مڙس ۽ سهري کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ شھر جي سميجا پاڙي ۾ مڙس کي ٻي شادي کان منع ڪندڙ 23 سالن جي عورت ڇٽان ڌي نواب سميجو مبينا طور قتل ٿي وئي، عورت جو لاش پاڻي جي ٽانڪي مان ھٿ آيو، عورت جي وارثن پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن تي سٽي پوليس جاءِ واردات تي پھچي عورت جو لاش ٽانڪي مان ڪڍي سول اسپتال عمرڪوٽ آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف عورت جي پي نواب سميجو ڌي جي مڙس رمضان سميجو، سھري حاڪم ۽ ڏير حنيف سميجو تي قتل جو الزام لڳائيندي چيو ته رمضان کي ٻي شادي ڪرڻي ھئي ته ڀلي ڪري ھا، پر منهنجي ڌيءَ کي نه ماري ها، منهنجي نياڻي کي بيگناهھ قتل ڪيو ويو آھي، اسان انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن عمرڪوٽ سٽي پوليس عورت کي قتل ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل عورت جي مڙس رمضان سميجو ۽ سھري حاڪم سميجو کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button