پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ عورتن جو نوجوان تي حملي خلاف مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ڪولهي برادري جي رهواسين مهاوجي، پپو، ڀليو، صالو، ڏامون، عورتن راجو ۽ پارشا جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. هنن دانهيندي چيو ته سبزي فروش موهن گووا جي پٽ رات اسان جي نوجوان پورهيت وشنو ڪولهي کي مارڪيٽ ۾ حملو ڪري سخت مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جيڪو هن وقت اسپتال داخل آهي، اسان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اسلام ڪوٽ پوليس وٽ وياسين، پر پوليس رات کان راڄوڻي تي زور پئي ڀري، پوليس اسان کان لکرائي ورتو ته اوهان ٻنهي ڌرين جو فيصلو اڳوڻي يوسي ناظم گهنشامداس وٽ آهي، اسان گهنشامداس وٽ وياسين، پر اسان جو نه فيصلو ٿو ٿئي ۽ نه ئي پوليس ڪيس ٿي وٺي. زخمي نوجوان وشنو سيٺ وٽان سبزي کڻي پورهيو ڪندو آهي، سيٺ جا 7 سئو رپيا رهيل هئا، پورهيت چيو ته سڀاڻي ڏيندس، جنهن تان سيٺ جي پٽ حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪرڻ بعد ريڙهي تي پيل پيتي مان روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويو. اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ٿا ڪريون ته ترت نوٽس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button