پاڪستانسنڌ

سامارو ويجهو بيوهه عورت جو گهر مان سڙيل لاش مليو

سامارو: سامارو لڳ حنيف آباد ڀرسان ڳوٺ غلام حسين ڀنڀرو جي رھواسڻ 50 سالن جي بيوهه عورت چيهري زال سرڳواسي پونو ڪولھي جو گھر جي ٿلي جي اڱڻ تي پٽ تي پيل باهه ۾ سڙيل لاش مليو، لاش کي ڏسي عورت جي پوٽي پارخان ڪولھي حد جي پوليس پوسٽ صالح ڀنڀرو پوليس کي اطلاع ڏنو، جنھن بعد صالح ڀنڀرو پوليس پوسٽ انچارج اي ايس آئي دين محمد بنگلاڻي واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو لاش کڻائي تعلقا اسپتال آندو، جتان فوتي عورت چيھري ڪولھڻ جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس پوٽي پارخان ڪولھي حوالي ڪيو ويو. وارث عورت جو لاش کڻائي ڳوٺ غلام حسين ڀنڀرو روانا ٿي ويا. صالح ڀنڀرو پوليس انچارج دين محمد بنگلاڻي ٻڌايو ته عورت جو لاش سندس گھر جي اڱڻ تي پٽ تي سڙيل حالت ۾ مليو، عورت جي لاش وٽ پيٽرول واريون 2 خالي بوتلون ۽ ھڪ ماچيس مليو آھي، پڇا ڳاڇا ڪئي ته معلوم ٿيو ته سڙي فوت ٿيل عورت گھر ۾ اڪيلي رھندي ھئي، فوتي عورت جو وڏو پٽ ھيرو ڪولھي ڪراچي ۾ رھندو آھي. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم ڪندڙ تعلقي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر علينا ٻڌايو ته لاش جا جزا ورتا ويا آھن، جيڪي سکر ليبارٽري اماڻيا ويندا، جتان حتمي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجھه ٻڌائي سگھجي ٿو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سامارو خليل ڪنڀر ٻڌايو ته عورت جي باهه ۾ گھر جي اڱڻ تي سڙيل لاش ملڻ واقعي بابت گھڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button