پاڪستانسنڌ

عمران ڏوهن جو اعتراف ڪري چڪو، هاڻي سندس بچڻ ناممڪن آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ڏوهن جو اعتراف ڪري چڪو آهي، هاڻي سندس بچڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي، پي ٽي آءِ سربراهه کي وڌيڪ رليف ڏيڻ ملڪ سان زيادتي هوندي. سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هو پاڻ به چاهي ۽ جن هن لاڏلي کي بچايو جيڪي ٽپو ڏئي ايندا هئا، اهي به چاهين ته به پي ٽي آءِ سربراهه جو قانون جي جڪڙ مان بچڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي.

هن چيو ته عمران خان جي ڪرپشن جو ڄار پي ٽي آءِ سربراهه جي چوڌاري تنگ ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه کي وڌيڪ رليف ڏيڻ ملڪ سان زيادتي هوندي. عمران نيازي سياسي ماڻهو نه هو، هو اسان تي زبردستي مسلط ڪيو ويو هو. شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو ته 9 مئي جهڙو رد عمل هوندو، ان جو مطلب آهي ته توهان کي 9 مئي جا واقعا تسليم ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين بي بي سي تي پنهنجو ئي انٽرويو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هن پنهنجي انٽرويو ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو، چيئرمين پي ٽي آءِ انهن ماڻهن کان لاتعلق آهي، جيڪي رياست خلاف استعمال ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button