پاڪستانسنڌ

سنڌ هائي ڪورٽ جو آن لائين حاضري نه لڳائيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آن لائين سسٽم تي حاضري نه لڳائيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ تعليمي سڌارن بابت درخواست تي شنوائي ٿي. جنهن ۾ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري عدالت ۾ پيش ٿيو. هن عدالت کي ٻڌايو ته اسان پنهنجون ڪوششون ڪيون آهن، هاڻي استادن جي حاضري 77 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اڪثر استادن وٽ اينڊرائيڊ موبائيل فون نه آهن، ان ڪري ڪي ماڻهو ايپ جو عذر پيش ڪري رهيا آهن.

چيف جسٽس تعليم واري سيڪريٽري جي موقف تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايپ نٿي هلي، سگنل نه ٿو اچي، موبائل فون ناهي، هي سڀ بهانا آهن. جيڪڏهن ڪو سعودي عرب مان وائس ميسيج موڪلي ٿو ته هو ٻڌن ٿا، ماڻهن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائين ٿا ته پوءِ سگنل اچي رهيا آهن. استاد ٽڪ ٽاڪ مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، باقي آن لائين سسٽم تي حاضري لاءِ انٽرنيٽ ناهي، اهي سڀ عذر آهن. حاضري نه ڏيندڙ سمورن استادن جون پگهارون بند ڪيون وڃن، جيڪڏهن پگھارون بند ڪيون ويون ته استاد به حاضري لڳائيندا.

عدالت آن لائين سسٽم تي حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏيندي استادن کي آن لائين ايپ تي حاضري يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ شنوائي تي تعليم واري سيڪريٽري کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي آءِ ٽي سيڪريٽري کي حاضري جو نظام وڌيڪ اپ ڊيٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button