پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ٻارڙي جو لاش مليو، زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر

ڪراچي: ڪراچي ۾ 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل 3 ورهين جي ٻارڙي جو لاش سهراب ڳوٺ ندي مان هٿ آيو آهي. وارثن زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ندي واري مان گم ٿيل ٽن ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي. جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. سهراب ڳوٺ جي شفيق ڪالوني جي رهواسڻ مناهل 2 ڏينهن اڳ گم ٿي وئي هئي، جنهن جو لاش ڪالهه صبح جو ندي مان هٿ آيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙي 30 مئي تي گهر ٻاهران گم ٿي وئي هئي، آخري ڀيرو ٻارڙي کي پاڙي جي 7 ورهين جي ٻارڙي سان گهر ڀرسان ندي ڏانهن ويندي ڏٺو ويو هو. مناهل جي وارثن ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو. پوليس ذريعن موجب پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ نظر ايندڙ ٻارڙي کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button