پاڪستانسنڌ

پريا ڪماري جي بازيابي لا جسقم احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

سکر: جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي ٻه سال اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي پي راج ڪمار سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري ٻن سالن کان قيد ۾ آهي، پر پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، سوال اھو آھي ته پورا ٻه سال پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگھندڙ سکر پوليس آخر ڪھڙي ڪم سان لڳل آھي؟ پريا ڪماريءَ جي اغوا کانپوءِ حڪومت اطلاع ڏيندڙ کي 50 لک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو، پر ان اعلان باوجود پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي، حالت اها آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ھر ڏينهن بدتر ٿي رھي آهي پر حڪومت ۽ پوليس سنجيدگي سان ڪم نه پئي ڪري، سنڌ ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي قبيلائي جهيڙن کي اڀاري فساد ڦهلايو پيو وڃي، جنھن ذريعي سنڌين جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. ان ڏس ۾ صنعان قريشي جو چوڻ ھو ته جسقم پاران سنڌ ۾ امن جي بحاليءَ ۽ پريا ڪماري جي ترت بازيابيءَ لاءِ 15 جون تي گهوٽڪي کان احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ظلم حد کان وڌي ويو آهي، ھاڻي خاموش نٿو رهي سگهجي. سنڌ ۾ آدمشماريءَ بابت ھڪ سوال جو جواب ڏيندي صنعان قريشي چيو ته سنڌي قوم ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت تائين مختلف علائقن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي، اتي آدمشماري ڪيئن ٿي آهي؟ ان موقعي تي پريا ڪماري جي پي راج ڪمار چيو ته ٻه سال اڳ 10 محرم تي منهنجي ڌيءَ گم ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ پوليس آفيسر ڪجهه ڏينهن تائين رابطي ۾ رهيا، پر پوءِ سڀ خاموش تماشائي بڻجي ويا، جيڪڏهن اها ڪنهن سرمائيدار يا وڏيري جي ڌيءَ هجي ها ته هينئر تائين بازياب ٿي وڃي ها، اسان پنھنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ ڪيڏانهن دانھن کڻي وڃون؟ ھن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڌيءَ پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرايو ويو ته آئون پاڻ تي پيٽرول هاري خودڪشي ڪري ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button