اسلام آبادپاڪستان

بجيٽ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل،عوام کي رليف نه ملڻ جو امڪان

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال 24-2023 جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي گهڻو رليف نه ملندو. ذريعن موجب وفاقي بجيٽ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، وزيراعظم ۽ اتحادي حڪومت بجيٽ ۾ وڏو رليف ڏيڻ جا خواهشمند آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ، نوان ٽيڪس نه لڳائڻ ۽ سبسڊي ڏيڻ جي خواهشمند آهي. جڏهن ته ايندڙ چونڊن دوران حڪومتي اتحاد اسڪيمن جو به اعلان ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت جي اڪثر تجويزن کي وزيراعظم ۽ اتحادي اڳواڻن پاران رد ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف ناڻي واري وزارت به فنڊن جي عدم دستيابي جي مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ وڏو رليف ڏيڻ ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ رقم ناهي، جنهن سبب بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، اهو ئي سبب آهي ته ناڻي واري وزارت جي 60 کان وڌيڪ آفيسرن جون موڪلون ختم ڪيون ويون آهن. ناڻي واري وزارت جو بجيٽ اسٽاف ڇنڇر ۽ آچر تي ڊيوٽي تي هوندو آهي پر آفيسرن جو چوڻ آهي ته في الحال بجيٽ ۾ ڪو به وڏو رليف ڏيڻ جي پوزيشن ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button