اسلام آبادپاڪستان

بجيٽ ۾ مختلف شين تي ٽيڪس وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ جي تجويز

اسلام آباد :ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ مختلف شين تي ٽيڪس وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ جي تجويز آهي. ايف بي آر ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ ٻارن جي امپورٽڊ کير تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي، جنهن تحت امپورٽڊ دٻي جي کير تي سيلز ٽيڪس 12 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته دٻي ۾ بند گوشت ۽ مڇي تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته دٻي ۾ بند ڪڪڙ جي گوشت تي به سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب عام واهپي جي شين تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويندو، جڏهن ته چانهه جي پتي، کنڊ، جيلي تي به سيلز ٽيڪس جي شرح 18 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صابڻ، سرف، ٿانو ڌوئڻ جي ليڪوئڊ، ٽوٿ پيسٽ، ٽوٿ برش ۽ مائوٿ فريشنر تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو جي سطح تي برقرار رکڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button