اسلام آبادپاڪستان

سيڪيورٽي يونيفارم استعمال ڪندڙن خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيڪيورٽي ادارن جي يونيفارم استعمال ڪرڻ تي خدشا ظاهر ڪندي يونيفارم استعمال ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ چيو ته اسلام آباد ۾ بادي النظر ۾ هڪ منظم گينگ سرگرم آهي، جيڪو سيڪيورٽي ادارن جي يونيفارم پائيندي آهي ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني شهزاد اڪبر جي ڀاءُ مراد اڪبر جي بازيابي واري درخواست تي شنوائي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جعلسازي خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته مراد اڪبر جي گمشدگي بابت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، دفاع واري وزارت، گهرو وزارت ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز چيو ته رينجرز، سي ٽي ڊي، پوليس مراد اڪبر کي نه کنيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي ته اهڙين ڪارروائين کي منهن ڏين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي اسلام آباد سومر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button