اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو پاران ڀارت ۾ ٽرين حادثي تي ڏُک جو اظهار

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ۾ ٽرين حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به ڀارت ۾ ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سوين جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک ٿيو. هن فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. واضح رهي ته ڀارتي رياست اوڙيسا جي ضلعي بالاسور ۾ مسافر ٽرين جي پٽڙي تان لهڻ ۽ مال ٽرين سان ٽڪر جي نتيجي ۾ هيل تائين 300 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سوين زخمي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button