اسلام آبادپاڪستان

ڏکيا سڌارا ٿي ويا،پاڪستان جو ڏيوالو نه ٿيندو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪو نقصان ٿيڻو هو اهو ٿي ويو، هاڻ حالتون بهتري ڏانهن وينديون، ڏاڍا ڏکيا سڌارا ٿي چڪا آهن ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي دير ۾ ڪو ٽيڪنيڪي ڪارڻ ناهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام سڀ کان نقصان ڏيندڙ شئي آهي، حڪومت هاڻ معيشت ۾ جدوجهد ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهو وڏو ڏکيو فيصلو هو ته گذريل حڪومت کي هلڻ ڏنو وڃي ۽ تباهي ٿي وڃي يا وري فيصلو ورتو وڃي، پوءِ سڀني جماعتن گڏجي فيصلو ڪيو ته سياست ٿيندي رهندي آهي. پي ڊي ايم جي سڀني جماعتن لبيڪ چيو ته اسان ذميواري ورتي آهي، اڳ ۾ 1998، پوءِ 2013 ۽ اڄ وري ملڪ کي اسان جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيڪو نقصان ٿيڻو هو اهو ٿي ويو، هاڻ حالتون بهتري ڏانهن وينديون. پاڪستان کي سروائيو ڪرڻو آهي ۽ اسان گڏجي چئلينجن کي منهن ڏنو، اڳتي به ڏينداسين. تمام ڏکيا سڌارا ٿي چڪا آهن، آءِ ايم ايف معاهدي ۾ دير جو ڪو ٽيڪنيڪي ڪارڻ ناهي. اسحاق ڊار چيو ته اسان سڀني جي پهرين ترجيح آهي ته پاڪستان جي ڪنهن ڪمٽمينٽ ۾ دير نه ٿئي، ڪوشش آهي ته پرڏيهي ادائيگيون وقت تي ٿين ۽ ڪري به رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهن کي شوق آهي ته اهي ڊيفالٽ جون تاريخون ڏيندا رهندا آهن، انهن کي شرم اچڻ گهرجي، بجاءِ ماڻهن کي اميد ڏيڻ جي تاريخون ڏئي رهيا آهن، ٻاهر ته ڪير نه پيو چئي ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿيندو، آءِ ايم ايف ايم ڊي چيو ته پاڪستان جو ڏيوالو نه ٿيندو. هن چيو ته اسان کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، معاشي ٽيم ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، ايندڙ هفتن ۾ نوان خيال هوندا ۽ بجيٽ به هوندي، ان کانپوءِ لانگ ٽرم لاءِ ڪجهه ٻيا ڪم ٿيندا، پاڪستان ۾ هاڻ اهي شيون هونديون، جنهن جو اهو حقدار آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ ڏينهن ۾ سڀ مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، ملڪي معيشت ڏکيائين جو شڪار آهي پر بهتري جي اميد آهي، قرض وڌيڪ آهي پر ملڪ وٽ قيمتي اثاثا آهن، انهن ۾ واڌ ٿي آهي، تنهن ڪري نااميدي جي ڪا ضرورت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button