پاڪستانسنڌ

عطا محمد ڀنڀرو جي ٽئين ورسي، لفظن جي ڀيٽا پيش

ھڱورجا: سنڌ ڌرتي جي عظيم ڏاھي ليکڪ، اديب، دانشور ۽ محقق عطا محمد ڀنڀرو جي جي وڇوڙي کي 3 سال مڪمل ٿيڻ سندس ورسي ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ ملھائي وئي. ان موقعي تي سنڌ سجاڳ فورم جي چيئرمين سارنگ جويو، عبدالحق ڀنڀرو، فريد احمد رتڙ، نور محمد تنيو، ساجد مڱريو، محسن سولنگي سميت سياسي سماجي قومپرست ڪارڪنن جي وڏي انگ مزار تي پھچي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو سچو عاشق ھو، جنھن ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي وڏي خدمت ڪئي، عطا محمد ڀنڀرو مختلف ٻولين جا سوين ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا، هو سراپا سنڌ ھو، ان جي ڪردار، عمل ۽ شخصيت کي صدين تائين وساري نه ٿو سگھجي، ھن احتجاج طور ملڪ جو سڀ کان وڏو صدارتي ايوارڊ وصول نه ڪيو ۽ سموري زندگي سنڌ جي خوشحالي لا پاڻ پتوڙيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button