پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ جاچ ٽيم پهتي، وياج متاثرن سان ملاقات

ڇاڇرو: سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي پاران ٿرپارڪر ۾ خانگي وياج جي ڪاروبار بابت جوڙيل جاچ ٽيم محمد ايوب کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪاشف بجير، پرڪاش ڪوٽڪ ۽ نور جهان گهيلڙو ڇاڇرو پهچي اي سي آفيس ۾ شهرين، خانگي وياج جو ڪاروبار ڪندڙ واپارين، سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين ۽ وياج متاثرن سان گڏجاڻي ڪري معاملي بابت ڄاڻ ورتي. جنهن بعد پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي جاچ ٽيم جي ميمبرن ايوب کوسو ۽ ٻين چيو ته ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪ غير قانوني وياج جو ڪاروبار ڇاڇرو ۾ ٿي رهيو آهي، هتي جهنگ جو قانون آهي، تمام هيٺين طبقي جو بيرحمي سان استحصال ڪيو ويو آهي، هتي صورتحال تمام خراب آهي، سون جو اگھه وڌڻ کانپوءِ وياجين جي نيت خراب ٿي پئي آهي، گروي رکيل زيور واپس نه پيا ڪيا وڃن، ماڻهن کي ثبوت طور ڪا به رسيونگ ناهي ڏني وئي، عوام وٽ قانون جي ڄاڻ ۽ لاعملي جو ڀرپور فائدو حاصل ڪيو ويو آهي لاڳاپيل ڌرين کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن. هتي تعليم، صحت ۽ ٻين کاتن جي سرڪاري ملازمن جا چيڪ بڪ گروي پيا آهن، اهڙا ماڻهو به مليا، جنهن کان سالن کان وياج ورتو پيو وڃي، پر چيڪ بڪ واپس نه پيا ڪيا وڃن، اسان سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي وٽ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائينداسين. ايس ايس پي ٿرپارڪر زاهده پروين ڄامڙو پاران به سخت قدم کنيا ويا آهن، جيڪو سٺو عمل آهي، اڃان وڌيڪ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button