پاڪستانسنڌ

جهڏي لڳ پ پ جو وائيس چيئرمين گرفتار، هڙتال،ڌرڻو

جهڏو: جهڏو ويجهو پوليس پ پ جي يوسي وائيس چيئرمين ممتاز ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن خلاف شهرين ۽ واپارين هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو، ڪجهه دير بعد پوليس وائيس چيئرمين کي آزاد ڪيو. جهڏو لڳ حيات خاصخيلي شهر مان يوسي 27 جي وائيس چيئرمين واپاري ممتاز ميمڻ کي پنگريو پوليس دڪان تان گرفتار ڪري کڻي وئي، گرفتاري خلاف واپارين ۽ شهرين حيات خاصخيلي شهر ۾ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال ڪري جهڏو-بدين روڊ تي ٽائر ساڙي رڪاوٽون وجهي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ شامل واپارين آصف ميمڻ، قادر ڀنڀرو، باغي راهمون، راجا ميمڻ، نياز کوسو ۽ ٻين چيو ته پنگريو پوليس ممتاز ميمڻ کي سندس ريزڪي دڪان تان گرفتار ڪري ناانصافي ڪئي آهي، ممتاز ميمڻ جي دڪان تان ڪا به غيرقانوني شي هٿ نه آئي آهي، ان باوجود کيس بيگناهه گرفتار ڪري ظلم ڪيو آهي. هنن گهر ڪئي ته ممتاز ميمڻ کي آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن 3 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ هجڻ سبب بدين، پنگريو، ٽنڊو باگو ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن سبب روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. سخت احتجاج بعد پنگريو پوليس گرفتار ڪيل ممتاز ميمڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ممتاز ميمڻ ٻڌايو ته مخالفن منهنجي خلاف سازش ڪري بدين پوليس آڏو اجائي واويلا ڪري مون کي گرفتار ڪرايو، عوامي ردعمل کي ڏسي پنگريو پوليس مون کي آزاد ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button