اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 4 ڄڻا فوت،313 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4 ماڻهو فوت، 313 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پاڪستان ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 33 هين نمبر تي اچي ويو. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 313 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 4 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. وڌيڪ 309 مريض صحتياب ٿيا. جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 78 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 659 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. جڏهن ته ڪل مريضن جو انگ 12 لک 81 هزار 872 ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ وائرس جا 22 هزار 479 مريض علاج هيٺ آهن جن مان هڪ هزار 64 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته 12 لک 30 هزار 734 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 40 هزار 19 ٽيسٽون ڪيون ويون، هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 16 لک 44 هزار 957 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ 4 لک 74 هزار 58 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ڪل فوتين جو 7 هزار 611 آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button