پاڪستانخيبرپختونخوا

ڪارڪن اسلام آباد مارچ لاءِ تياريون شروع ڪن:فضل الرحمان

شيرڳڙهه : جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مالاڪنڊ جا ڪارڪن اسلام آباد مارچ لاءِ تياريون شروع ڪن ته جيئن ڪڏهن به اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ته ڀرپور قوت سان ان ۾ شريڪ ٿين. لکين ماڻهن جو سمنڊ اسلام آباد ويندو ته حڪمرانن جي تڏا ويڙهه ٿي ويندي ۽ ساڍن ٽن سالن کان جمود جو شڪار حڪومت کان عوام کي ڇوٽڪارو ملندو. آچر تي جمعيت علماءِ اسلام مالاڪنڊ ضلعي جي اطلاعات واري سيڪريٽري فضل وهاب خان سان مالاڪنڊ جي سياسي صورتحال تي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڊالر مهانگو ٿيڻ مهانگائي ۽ بيروزگاري تي وزيراعظم چور هجڻ جا اعلان ڪندڙ عمران خان قوم کي ڪوڙن واعدن ۽ اعلانن سان گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. موجوده نااهل ۽ سليڪٽڊ حڪمرانن کي گهر نه روانو ڪيو ته ملڪي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي. هن چيو ته روزانو دوائون کاڌي پيتي جون شيون، تيل اسمن، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان عوام آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي وزيراعظم مغل اعظم بڻجي 350 ڪنال جي گهر ۾ ٺٺ واري زندگي گذاري 22 ڪروڙ غريب عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button