لاهور: پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره لاهور ۾ عاصما جهانگير جي ياد ۾ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سياست ۾ مذهب جي نالي تي احتساب نه ٿيندو آهي، اسان وٽ مسئلو آهي ته ادارا ڪم نٿا ڪن. هن چيو تھ ڪنهن کان مطالبو ڪريون ته احتساب بهتر ڪندي عدل ۽ انصاف ڪن، دنيا ۾ ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته قانون ٺهي ۽ معاشرو ٺيڪ ٿي وڃي. ڪمزور ۽ خراب حڪمراني معاشري جي تباهي جو سبب هوندي آهي. دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ليڪچر شيون ٺيڪ نه ٿينديون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close