پاڪستانسنڌ

طوفاني برساتن ۾ چوپايو مال مري ويو، هزارين گهر پٽ ٿيا:ڊي سي ٿر

مٺي: ڊي سي ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي سامونڊي طوفان واري برسات جي ضلعي ۾ ٿيل نقصان بابت درٻار هال مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سامونڊي طوفان وارين برساتن ۾ ٿر اندر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آھي، چوپايو مال مرڻ سان گڏ هزارين ڪچا گهر ڊٿا ۽ متاثر ٿيا آھن، ٿر ۾ ٿيل معاشي نقصان جي سروي ٻن ڏينهن ۾ مڪمل ڪري انگ اکر جاري ڪنداسين ۽ سنڌ سرڪار کي ان جي ازالي لا لکنداسين. ٿر ۾ هزارين ڪچن گهرن جو نقصان ٿيو آھي ۽ سوين چوپايو مري ويو آھي، هن وقت حتمي انگ اکر نٿا ٻڌائي سگهون. ٿر جي شھرن ۾ ڊرينيج نظام بهتر ناهي، ان ڪري هر ڀيري شھرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مسئلو ٿئي ٿو، اسان وٽ اي ڊي پي جا فنڊ وڌ ۾ وڌ روڊن تي خرچ ڪري باقي اسڪيمن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، برسات ۾ روڊ ۽ خاص طور ڪول ايريا وارو مک روڊ به ڪافي هنڌن کان اکڙي ويو آھي، طوفاني برساتن جي متاثرن جي رليف لا سنڌ سرڪار وٽان فنڊ جاري نه ٿيو آھي، صرف ريسڪيو آپريشن لا فنڊ جاري ٿيا آھن، ٿر جي مڪمل ڊهي ويل گهرن جي متاثرن کي تنبو ۽ راشن پهچائي رهيا آھيون، پاڪ آرمي به رليف جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي رهي آھي، ايس ايس پي زاهده پروين سميت سمورن کاتن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ٿر ۾ 28 جون کان ٻيهر برساتون پوڻ جا امڪان آھن. ان موقعي تي فوڪل پرسن اي ڊي سي ٽو سنجه ترڪيو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button