عمرڪوٽ: عمرڪوٽ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس ۾ ٻن ملازمن پونجارام ميگهواڙ ۽ جلال ميگهواڙ پي وي سي جان محمد مري جي زيادتين خلاف معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪيو. بعد ۾ ٻنهي ملازمن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 2018ع کان زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ مقرر آهيون، آرڊر ڪاپي ۽ پگهار سلپ موجود آهي، 2 ڏينهن اڳ پي وي سي جان محمد مري ڌڪا ۽ ڌمڪيون ڏئي نوڪري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته هاڻ اوهان کي هتي نه ڏسان. هنن چيو ته پي وي سي جان محمد مري نوڪري مان ڪڍي ظلم ڪيو آهي، آواز اٿارڻ تي ڌمڪيون ڏنيون آهن، انصاف ڪيو وڃي. پي وي سي جان محمد مري پراڻن ملازمن کي ڪڍي پنهنجن مٽن مائٽن ۽ پئسن وارن کي نوڪريون ڏئي مقامي ماڻهن کي برطرف ڪري رهيو آهي. هنن چتا ڏنو ته اسان سان انصاف نه ٿيو ته 2 ڏينهن بعد پي وي سي جان محمد مري جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان پاڻ کي باهه ڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close