اسلام آباد: قومي اسيمبلي آئي ايم ايف جي مطالبي تي ٽيڪس جو حدف 215 ارب رپيا وڌائي 94 کرب 15 ارب رپيا ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ مالي سال 2023-24 لاءِ 14480 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. آچر تي قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل جي منظوري لاءِ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، اسپيڪر هڪٻئي پٺيان بل جي سمورين شقن کي ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن ۾ مولانا عبدالاڪبر چترالي، سائره بانو، نثار چيما، زهرا حدود فاطمي، نواب شير وسير، آسيا عظيم ۽ ٻين مختلف شقن تي ترميمون پيش ڪيون جن کي ايوان اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته مولانا عبدالاڪبر چترالي جي هڪ ترميم ايوان بل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. اهڙي طرح بل ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر صلاح الدين جي ترميم کي به ايوان رد ڪري ڇڏيو. فنانس بل ۾ ڪل 9 ترميمون ڪيون ويون آهن، ان مان 8 ترميمون حڪومت ۽ هڪ اپوزيشن پاران شامل ڪئي وئي آهي. ٽيڪس اوڳاڙين جو حدف 9 هزار 200 مان وڌائي 9 هزار 415 ارب مقرر ڪيو ويو آهي. پينشن ادائيگي 761 ارب مان وڌائي 801 ارب ڪئي وئي. ان کان سواءِ اين ايف سي تحت صوبن کي 5 هزار 276 ارب بدران 5 هزار 390 ارب ملندا. مولانا عبدالاڪبر چترالي فنانس بل اسلامي نطرياتي ڪائونسل کي اسلامي پئماني تي جاچڻ لاءِ موڪلڻ جو اعلان ڪيو. مولانا عبدالاڪبر چترالي پاران پيش ڪيل ترميم منظور ڪئي وئي جنهن موجب چيئرمين قائما ڪميٽي کي 1200 سي سي گاڏي استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. ياد رهي ته هن کان اڳ 1300 سي سي کان 1600 سي سي گاڏي استعمال ڪرڻ جي اجازت هئي. ناڻي واري وزير پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي آرڊيننس ۾ ترميم پيش ڪري ڇڏي جيڪا قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان ترميم منظور ڪري ورتي. ترميم موجب پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي حد 50 رپيا في لٽر مان وڌائي 60 رپيا في لٽر ڪئي وئي. وفاقي حڪومت کي 60 رپيا في لٽر تائين ليوي عائد ڪرڻ جو اختيار هوندو. اسحاق ڊار فنانس بل جي شق ٽي ۾ ترميم پيش ڪئي جيڪا اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي. ترميم مطابق 3200 ارب رپين جي التوا هيٺ 62 هزار ڪيسن سميت تڪرارن جي حل لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪميٽي جي فيصلي خلاف ايف بي آر اپيل داخل نه ڪري سگهندو. متاثر ڌر کي عدالت وڃڻ جوا ختيار هوندو. جڏهن ته پراڻي ٽيڪنالوجي وارن پکن ۽ بلبن تي اضافي ٽيڪسز جي ترميم به منظور ڪئي وئي. پراڻي ٽيڪنالوجي وارن پکن تي پهرين جنوري کان 2000 رپيا ٽيڪس هوندو. جڏهن ته پراڻن بلبن تي پهرين جنوري کان 20 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو. فنانس بل ۾ وڌيڪ ترميم تحت 215 ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن. ملڪيت جي خريد و فروخت تي ٽيڪس 1 کان 2 سيڪڙو وڌائڻ ۽ ڀاڻ تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي ترميم جي منظوري ڏني وئي. قومي اسيمبلي فنانس بل 2023 جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان سواءِ اجلاس ۾ ايوان مالي سال 2021-22، مالي سال 2022-23 جي ضمني گرانٽس جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close