پاڪستانپنجاب

215 ارب جا ٽيڪس،اسحاق ڊار استيعفا ڏي:شاهه محمود قريشي

ملتان : پي ٽي آئي جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي بنا دير استعيفا ڏيڻ گهرجي. 215 ارب رپين جا وڌيڪ ٽيڪسز لڳايا ويا آهن، قوم اڳ ئي مهانگائي جي اثر هيٺ آهي. آئي ايم ايف کي اسحاق ڊار تي اعتماد نه آهي. قوم جي سامهون پيش ڪيل بجيٽ ڪجهه ٻي آهي ۽ منظور ڪرايل بجيٽ ڪجهه ٻي هوندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود چيو ته فنانس بل کي ريوائيز ڪيو پيو وڃي جيڪي پهريان ٽيڪس لڳا آهن اهي موجود آهن ۽ انهن ۾ اڃا وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ٽيڪسٽائيل جا ڪارخانا اٽڪل 40 سيڪڙو بند ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ٻيا بند ٿي رهيا آهن، اندسٽريز هن وقت بحران ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button