پاڪستانسنڌ

راڌڻ لڳ ٺيڪيدار ۽ مزدورن کان 8 لک ۽ 7 فون ڦر

راڌڻ:راڌڻ لڳ 4 ڪلوميٽر پري راڌڻ-موھن جو دڙو روڊ تي ويھڙ ٿاڻي جي حد قاضي واري مسجد وٽان ڪراچي کان واپس ايندڙ ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن واسي ٺيڪدار لياقت چانڊيو ۽ مزدور پورھيت عرفان سرگاڻي سميت 4 ڄڻن کان نامعلوم هٿياربند ھٿيارن جي زور تي 8 لک رپيا روڪ رقم ۽ 7 موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا، جيڪي سيهڙ ڳوٺ جي رهواسي سڪندر جي گهر ۾ پيا، پوليس ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي. ان موقعي تي متاثرن چيو ته اسان ڪراچي فئڪٽري ۾ ڪمائيندا آھيون، عيد تي ڳوٺ اچون پيا ته ڦورو 8 لک رقم ۽ 7 موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button