پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ عورت جي مبينا خودڪشي، مڙس ۽ پي جي بيانن ۾ تضاد

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ گڊڙو لڳ گانگاڻين جي ڍاڻي ۾ 34 سالن جي پرڻيل ويرو زال اجيت ڪولھي گھر ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ سندس مڙس اجيت ٻڌايو ته منھنجي زال جو ذھني توازن درست نه ھو، ھو گھر مان نڪري ويندي ھئي، اسان کيس ڳولي گھر وٺي ايندا ھئاسين. ٻئي طرف خودڪشي ڪندڙ ناري جي پي ڀاوو ڪولھي ٻڌايو ته آئون زرداري فارم غلام قادر مري وٽ ڪم ڪار ڪريان ٿو، منھنجي ڌي جو دماغي توازن درست ھو، خودڪشي واري واقعي کان اڳ بلڪل ٺيڪ ھئي ۽ اسان سان فون تي ڳالھايو ھو، منھنجي ڌي جو ڪڏھن به دماغي توازن خراب ناھي ٿيو، واقعي بابت آئون ڳوٺاڻن کان پڇا ڪندس ته منھنجي ڌي خودڪشي ڇو ڪئي آھي. ٻئي طرف ننگرپارڪر پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button