اسلام آبادپاڪستان

گڏيل قومون اسلامو فوبيا خلاف عالمي قانون جوڙين:وزيراعظم

اسلام آباد :سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي خلاف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهين واري واقعي خلاف اجلاس گهرائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان رابطو ڪري رهيو آهيان، اقوام متحده کي اپيل ڪندس ته اسلامو فوبيا خلاف عالمي قانون جوڙيو وڃي. اهڙي حرڪت ڪندڙ شخص کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي ناقابل برداشت حرڪت ٻيهر ٿي ته پو اسان کي نه چئجو. شهباز شريف چيو ته سوئيڊن ۾ ناپاڪ حرڪت جي ڀرپور قوت سان مذمت ڪيون ٿا. شرپسند کي سزا ڏيارڻ لاءِ سفارتي ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ پهريان اسان کي ۽ پوءِ اسلامي دنيا کي متحد ٿي آواز اٿارڻو پوندو. سوئيڊن واقعي خلاف اثرائتي انداز ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو وڃي ۽ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا سڄي دنيا جي فورمز ۾ سفارشون پهچائي. هن چيو ته اسان سڀني مذهبن جو احترام ڪيون ٿا پر اسلامو فوبيا ۽ اسلام خلاف باهه وڌندي پئي وڃي. سوئيڊن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، ان واقعي تي اربين مسلمانن جي دل آزاري ٿي. سندس چوڻ هو ته هي واقعو مسلمانن ۽ عيسائين کي ويڙهائڻ جي سازش آهي، هڪ ملعون کي پوليس جي موجودگي ۾ ناپاڪ حرڪت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. سوئيڊن جي حڪومت اهڙو واقعو ڇو ٿيڻ ڏنو، سڄي دنيا کي ٻڌايو وڃي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿا ڪري سگهون. وزيراعظم چيو ته نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم مسلمانن سان ڀاڪر پاتا ۽ کين ڀرپور تحفظ ڏنو، جيسنڊا آرڊن جي قدمن کي مسلم دنيا سدائين ياد رکندي. مان هن معاملي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان رابطي جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، کيس فوري طور گڏيل قومن جو اجلاس گهرائڻ گهرجي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته صبر جو مطلب اهو ناهي ته اسان کي جواب ڏيڻ نٿو اچي، اڄ جمعي جي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين، سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي گڏجي ريليون ڪڍڻ گهرجن. ان دوران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، قرارداد پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ايوان سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ واقعي جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ٿو. ايوان سمورن مذهبن ۽ مقدس ڪتابن جي احترام تي يقين رکي ٿو، اميد آهي ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه ايندا. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسلام فوبيا ۽ نفرت پکيڙڻ جهڙن واقعن کي سنجيدگيءَ سان ورتو ويندو ۽ اسلام فوبيا جي خاتمي لاءِ ان معاملي تي اسلامي سربراهه ڪانفرنس جو فورم استعمال ڪيو ويندو. قرارداد ۾ چيو ويو ته عالمي برادري بين المذهبي هم آهنگي ۽ اسلام فوبيا جي حوالي سان خاص قدم کڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button