پاڪستانسنڌ

دادو ۽ ڄامشورو ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 4 ڄڻا فوت، 14 بيهوش،300 کان مٿي ٻارڙا گيسٽرو ۾ مبتلا

دادو/ڄامشورو/ميهڙ/ڀان سيدآباد: دادو ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ شديد گرمي ۽ هيٽ اسٽروڪ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 14 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. 300 کان مٿي ٻارڙا گيسٽرو وگهي اسپتال ڀيڙا ٿيا. خبر موجب دادو ۽ ڀرپاسي ۾ گرمي جو پارو 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جنهن سبب 2 شهري محمد افضل آرائين ۽ محمد عرس جانوري زمين تي هيٺ ڪري فوت ٿي ويا. ميهڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سخت گرمي سبب 10 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن کي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سخت گرمي سان گڏ بجلي جي مسلسل بريڪ ڊائون سبب دڪاندارن پنهنجون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون.

دادو ۾ 12 وڳي کان شام 4 وڳي تائين شاهي بازار، رائي بازار، شاپنگ سينٽر، ڪپڙا بازار، صرافه بازار بند رهيا، جڏهن ته نوان ۽ پراڻا بس اسٽينڊ ويران نظر آيا. سول اسپتال دادو جي چائلڊ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر الله بخش ڪوريجو جو چوڻ آهي ته سخت گرم موسم سبب 300 ٻار گيسٽرو جي شڪايت سان اسپتال پهتا آهن. ٻئي طرف ڄامشورو جي ڀان سيد آباد جو حاجي دين بخش برهماڻي ۽ آمري جو محمد وارث چاچڙ سخت گرميءَ جي لهر سبب بيهوش ٿي ويا ۽ فوت ٿي ويا. ان کان علاوه سيوهڻ ۽ سن شهرن ۾ 2-2 ڄڻا بيهوش ٿي ويا آهن. سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڏينهن جي وقت گهرن ۾ رهن ۽ ٿڌو پاڻي ۽ ٿڌيون شيون استعمال ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button