پاڪستانسنڌ

سنڌ جي سرڪاري وڪيلن جي پگهارن ۽ الائونس ۾ واڌ جي سمري منظور

ڪراچي: سنڌ حڪومت سرڪاري وڪيلن جي پگهار ۽ الائونس ۾ 30 سيڪڙو واڌ جي سمري منظور ڪري ورتي. ذريعن موجب وڏي وزير قانون واري وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي، هاڻي ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي پگهار هڪ لک 30 هزار رپيا، جڏهن ته هائوس رينٽ 70 هزار رپيا ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي 21 هين گريڊ جي برابر ميڊيڪل سهولت ۽ نان پريڪٽسنگ الائونس 5 لک 20 هزار ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جي پگهار هڪ لک 4 هزار رپيا ۽ نان پريڪٽسنگ الائونس سوا 3 لک رپيا ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کي 19 هين گريڊ جي ميڊيڪل سهولت ڏيڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button