پاڪستانسنڌ

بي آر ٽي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ريڊ لائين بي آر ٽي پروجيڪٽ جي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، بي آر ٽي رٿا سان ڪراچي جي لکين ماڻھن جو فائدو ٿيندو. ريڊ لائين بي آر ٽي پروجيڪٽ بابت ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون جاري ڪيون ته ريڊ لائين بي آر ٽي پروجيڪٽ جو تعيمراتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ھن چيو ته بي آر ٽي پروجيڪٽ کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ ھولڊرز جي ڪاوشن جي ضرورت آھي، ڪوشش اھا ھجڻ گھرجي ته پروجيڪٽ تي ڪم دوران شھرين کي ڪنھن به قسم جي تڪليف جو منھن ڏسڻو نه پوي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ريڊ لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ بابت اجلاس ۾ ريڊ لائين بي آر ٽي پروجيڪٽ ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ لاءِ ڪراچي ۾ ٽينڪ چوڪ کان صفوران چورنگي تائين انڊر پاس جي اڏاوتي ڪم ۾ اڳڀرائي تي به ڳالھيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ تي ڪم جي روزانو جي بنياد تي اڳڀرائي جي نگراني ۽ جائزي لاءِ ھڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سيلم راجپوت، سي اي او ٽرانس ڪراچي طفيل پليجو، ٽرانس ڪراچي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين سريش لوڌي، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي نمائندي شوڪت علي علوي، جي ايم ٽرانس ڪراچي پير سجاد، بي آر ٽي جي ڪنسلٽنٽ سر جيمس، سھيل عابدي ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اڏاوتي ڪم جي نگراني ۽ جائزي لاءِ جو ڙيل ڪميٽي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت جي سربراھي ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي پروجڪيٽ جي فزيڪل انسپيڪشن ڪندي اڏاوتي ڪم ۽ امڪاني طور تي درپيش مئسلن جو جائزو ورتو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button