اسلام آبادپاڪستان

نادرا ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي جاچ ۾ ملٽري انٽيليجنس کي شامل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) نادرا طرفان شهرين جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. گهرو وزارت کي جاچ جي هدايت ڪندي پي ٽي اي کي شهرين جي ليڪ ٿيل ڊيٽا فوري طور بلاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پي اي سي جو اجلاس نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نادرا طرفان شهرين جي رجسٽريشن ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي معاملي جو نوٽيس ورتو ويو.ڪميٽي گهرو وزارت کي ڊيٽا ليڪ جي گڏيل جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته پي ٽي اي، ايف آءِ اي، ملٽري انٽيليجنس کي به جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي. پي اي سي، پي ٽي اي کي ڊيٽا بلاڪ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي، نور عالم خان چيو ته هر هڪ جي ذاتي ڊيٽا انٽرنيٽ تي موجود آهي، نادرا مان ڪيئن ليڪ ٿي؟ عسڪري اختيارين جي ڊيٽا به ليڪ ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button