اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم پاران ڊاڪٽر عافيا جي آزادي لاءِ آمريڪا سان رابطي جي هدايت

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ڊاڪٽر عافيا جي سارسنڀال ۽ سندس جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي آهي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪندي. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ڊاڪٽر عافيا صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيا صديقي ملاقات ڪئي. گذريل ٽن مهينن ۾ وزيراعظم سان ڊاڪٽر فوزيا جي اها ٻي ملاقات هئي. ڊاڪٽر فوزيا وزيراعظم جي قيادت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم جي هدايت تي پرڏيهي وزارت پاران ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي آمريڪي ويزا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي ۽ آمريڪي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه سان ان جي ملاقاتن جو بندوبست ڪيو ويو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت انصاف حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ڊاڪٽر عافيا صديقي جي خيريت ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button