اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، پاڪ فوج جو ميجر شهيد

راولپنڊي: خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعي شڪاس ۾ انٽيليجنس آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو ميجر شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز گذريل رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فرار ٿيڻ وارن رستن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ ناڪابندي ڪئي پئي وئي ته دهشتگردن جي هڪ گروپ آمهون سامهون ٿيو، جنهن ۾ ميجر ميان عبدالله شاهه آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ ڪوهاٽ سان تعلق رکندڙ 33 ورهين جو ميجر شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب 3 دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، فورسز علائقي مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button