اسلام آبادپاڪستان

ڀارت ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪري:پاڪستان

اسلام آباد :پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ڪالهه پريس بريفنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀينرن ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي خوشين ۾ شرڪت کان روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪشميرين تي هنيل انهن پابندين کي ختم ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اسان ڪشميري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني کي پڻ ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي ويندي. برهان واني انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي هٿان عدالت کان مٿانهون قتل جو نشانو بڻيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button