لاهور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽيم ملتان سلطانز جي مالڪ ۽ مشهور سياستدان جهانگير ترين جي ڀاءُ خودڪشي ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 2021ع جي ٽرافي کٽيندڙ ملتان سلطانز جي ٽيم جي مالڪ عالمگير ترين پاڻ کي مٿي ۾ پستول سان گولي هڻي خودڪشي ڪئي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته خودڪشي ڪرڻ کان اڳ عالمگير ترين هڪ نوٽ به ڇڏيو، جنهن ۾ هن پنهنجي بيماري جو ذڪر ڪيو آهي. ٻئي طرف سندس ويجهن دوستن جو چوڻ آهي ته کين عالمگير ترين جي بيماري بابت ڪابه خبر ناهي، سندس دوستن موجب عالمگير ترين جي عمر 63 سال هئي جڏهن سندس مڱڻي ٿي هئي ۽ ڊسمبر ۾ شادي ٿيڻ واري هئي.
ٻئي طرف عالمگير ترين جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪري شروعاتي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جڏهن ته عالمگير ترين طرفان لکيل خط ۽ استعمال ٿيل پسٽل فرانزڪ لاءِ اماڻيو ويو آهي. شروعاتي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عالمگير ترين جي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب موت واقع ٿيو، مٿي جي ساڄي پاسي کان گولي لڳي، گولي کوپڙي ۾ داخل ٿي کاٻي پاسي کان ٻاهر نڪتي، جنهن سبب دماغ جي ٽشوز کي سخت نقصان پهتو ۽ موت واقع ٿي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پوسٽ مارٽم ۾ جسم تي تشدد جا ڪي به نشان نه مليا آهن ۽ نه ئي وڌيڪ نشو استعمال ڪرڻ جا ثبوت مليا آهن.
ٻئي طرف عالمگير ترين جو لکيل خط منظرعام تي اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته “مون کي پنهنجي زندگي سان پيار آهي، 6 مهينا اڳ تائين منهنجي زندگي اطمينان بخش هئي، مون کي چمڙي جي بيماري آهي، جنهن لاءِ مسلسل اسٽيرائڊز جي ضرورت پوندي آهي، بيماري منهن جي کاٻي پاسي کي نقصان پهچائي رهي آهي، مون کي ڪوبه فائدو نٿو ٿئي. خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته “سخت بيماري سبب اکيون متاثر ٿيون، جنهن ڪري مون پڙهڻ به ڇڏي ڏنو، پيٽ ۾ درد سبب رات جي وقت ننڊ جون گوريون کائڻيون پون ٿيون، مون ڀرپور زندگي گذاري آهي، ڊاڪٽرن وٽ چڪر نٿو لڳائڻ چاهيان. خط جي متن موجب هن پنهنجي ڀاءُ جهانگير ترين کي مخاطب ڪندي لکيو ته ‘جهانگير! منهنجي ملازم عالم جو خيال رکجو، انهي سڄي زندگي خدمت ڪئي، پوليس کيس تنگ نه ڪري. هوڏانهن واقعي بعد جهانگير ترين، عون چون، عليم خان ۽ فوتي جا مٽ مائٽ واقعي واري هنڌ پهتا. پوليس قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، فوتي جي جنازي نماز اڄ 9 وڳي لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي.