
راولپنڊي: اتر بلوچستان ۾ دهشتگردن جي هڪ گروپ زوب گيريزن تي حملو ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن زوب گيريزن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڊيوٽي تي موجود فوجين ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد ٿي ويا ۽ ٽي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج سيڪيورٽي اهلڪار زخمي به ٿي پيا آهن، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي هر ڪِريل ڪوشش ناڪام بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهن.