پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ۾ ڀا ڀيڻ جو قتل ڪيس داخل، جاچ شروع، 72 ڪلاڪ اهم قرار

گهوٽڪي/ڄامشورو/سن: گهوٽڪي ۾ قتل ڪيل معصوم ڀا ڀيڻ جو ڪيس داخل، ايس ايس پي جاچ شروع ڪري ڇڏي، 72 ڪلاڪ اهم قرار. خبر موجب گهوٽڪي شهر جي درگاهه نهري شاهه قبرستان ۾ قتل ڪيل معصوم ڀا ڀيڻ سلمان ۽ ڪلثوم لغاري جي واقعي جي جاچ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان اي سيڪشن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙا ڀا ڀيڻ 12 سالن جي سلمان لغاري ۽ 9 سالن جي ڪلثوم لغاري جي لاش ملڻ واري معاملي جي پاڻ ٽيڪنيڪل طريقي سان جاچ ڪري رهيو آهيان، علائقي جي سي سي ٽي وي ڪيمرائون جا فوٽيج هٿ ڪيا آهن، 72 ڪلاڪن اندر جاچ ڪنهن نه ڪنهن رخ ۾ ٿي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀيڻ ڀا کي بيرحماڻي طريقي سان ماريو ويو آهي، پوليس ڪم ڪري رهي آهي، پر جاچ شيئر نه ٿو ڪري سگهان، ٻارڙن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، ٻارڙن جا ڊي اين اي سيپمل ورتا آهن، فارينزڪ به ڪرائي ويندي، وارن مان به سيمپل ورتا ويا آهن، ڪيميڪل ايگزامينشن رپورٽ اچڻ بعد ڪيس کلندو. هن چيو ته ٻارڙن کي زهر ڏيڻ يا گهٽا ڏيڻ به ممڪن آهي، ٻاڙرن جي چرپر کان علاوه مقامي ماڻهن کان به تفصيل گڏ ڪري رهيان آهيون، ٻارڙن کي ان وقت جن ماڻهن ڏٺو هو، انهن کان به معلومات ورتي پئي وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ سميت ڪچي جي علائقي ۾ 170 پڪٽن مان 90 پڪتون لڳائي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، پوليس ڏوهارين سان ڪمپرومائيز ناهي ڪيو، پوليس ڏوهارين خلاف ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول ٻارن جي پي قربان لغاري جي فرياد تي واقعي جو ڪيس چئن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پوليس ٻارڙن جي ويڳي ما کان به واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. ٻئي طرف جسقم جي سڏ تي با پاس کان گهوٽڪي ٿاڻي تائين امن ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي سياسي سماجي تنظيمن اڳواڻن رشيد سنڌي، نصراللّه ڪلادي، ڪمال مهر، محبوب گهوٽو، من فقير گهوٽو، وهاب سهتو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي، بيگناهن کي ماريو پيو وڃي ۽ اغوا جون وارداتون عام آهن، جنهن کي ٻنجو ڏنو وڃي. ڄامشورو سجاڳ فورم جي سڏ تي سوين معصوم ٻارڙن اقبال ڪوريجو، جاني گهرياڻي، احمد علي کوکر، نور احمد جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. سن ۾ ڳوٺ شالماڻي اسٽاپ تي پ پ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪمال خان ڇڇر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button