اسلام آبادپاڪستان

قرض وٺي پنهنجي عزت وڃائي،هاڻ ڪستو ٽوڙڻو پوندو:وزيراعظم

اسلام آباد/ملتان :وزيراعظم شهبازشريف هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته آئي ايم ايف جي بورڊ پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسان ڊيفالٽ کان بچي وياسين. پر قرض وٺي اسان پنهنجي عزت وڃائي آهي. هاڻي ڪستو ٽوڙي محنت ڪرڻي پوندي. آگسٽ 2023 ۾ اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين. ڪالهه بهاوالدين ذڪريا يونيورسٽي ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ نوجوانن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڀريو ته اهي محنت ۽ دلچسپي سان تعليم حاصل ڪن ته ڪنهن سفارش ۽ رشوت جي ضرورت نه آهي. جيڪي قومون ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌن ٿيون، انهن قومن جي ترقي جو رستو ڪوبه نٿو روڪي سگهي. هن چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ اٽي ۾ لوڻ برابر نه آهي جيڪڏهن وسيلا هجن ته مان هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ ورهائي ڇڏيان. هن چيو ته گذريل حڪومت وڏن وڏن صنعڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ لاءِ 3 ارب ڊالر ڏنا ويا، ڪارخانا لڳڻ سٺي ڳالهه آهي. پر جيڪڏهن ڪارخانا لڳائڻ لاءِ قرض ڏيڻو ئي هو ته مارڪيٽ ريٽ تي ڏنو وڃي ها. جيڪڏهن هي پئسو ايئن ئي ورهائڻو هو ته ان تي سڀ کان پهريون حق نوجوانن ۽ ٻارڙن جو هو. هن چيو ته هي 3 ارب ڊالر جيڪڏهن پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ليپ ٽاپ ۽ قرض ورهائڻ ۽ تعليم تي خرچ ٿين ها ته اڄ اسان کي شايد آئي ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي ها. وزيراعظم چيو ته آئي ايم ايف جي بورڊ پاڪستان لاءِ قرض جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي، اسان ان جا سخت شرط قبول ڪيا ۽ ان قرض لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. هوڏانهن پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان تي قوم کي خطاب چيو ته آگسٽ 2023 ۾ اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين. 15 مهينن ۾ اسان چئن سالن جي بربادي کي صاف ڪيو، پاڪستان جي مفادن جي رستي ۾ وڇايل بارودي سرنگهون هٽائي ڇڏيون. دوست ملڪ چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي تعاون کي ڪڏهن فراموش نه ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ هي پنهنجي نوعيت جي واحد چونڊيل گڏيل حڪومت آهي جيڪا گهٽ مدي لاءِ قائم ٿي جنهن پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏن چئلينجز ۽ ڏکيائين کي منهن ڏنو. جڏهن ته ملتان ۾ تعمير هيٺ نشتر-11 اسپتال جي معائني دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پي ٽي آئي حڪومت چار سال برباد ڪري ڇڏيا، عمران نيازي چار سال ڪجهه نه ڪيو ۽ چور ڦورو جا نعرا هڻائي وقت برباد ڪيو. هن چيو ته تعمير هيٺ نشتر-11 اسپتال 3، 4 ملين رپيا رکيا جيڪا هڪ مذاق هئي، هن اسپتال کي رڳو ان لاءِ نظرانداز ڪيو ويو ته ڪٿي مسلم ليگ (ن) ۽ نوازشريف کي ڪريڊٽ نه ملي. هن ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان حوالي سان منصوبي جو هو تفصيلي جائزو وٺندو. ان اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ اليڪشن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ٺهي سموريون طاقتون گڏجي پاڪستان لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻينديون. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، گورنر انجنيئر بليغ الرحمان نگران وڏو وزير محسن نقوي به ان موقعي تي موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button