اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي چيئرمين سائفر جو ڪوڙو بيانيو ٺاهيو:اعظم خان

اسلام آباد : اڳوڻي وزيرِاعظم ۽ پي ٽي آئي چيئرمين جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سائفر بابت پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. ذريعن موجب اعظم خان 164 تحت مئجسٽريٽ آڏو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. اعظم خان پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف بيان رڪارڊ ڪرائيندي سائفر کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش قرار ڏنو آهي. اعظم خان چيو آهي ته سائفر جي معاملي تي سموري ڪابينا ميمبرن کي ملوث ڪيو ويو ۽ سمورن ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته سائفر کي ڪئين استعمال ڪري سگهجي ٿو. پنهنجي بيان ۾ اعظم خان ٻڌايو ته سائفر جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي، سائفر کي رڳو سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، اِهو پري پلان ڊرامو هو. ذريعن موجب اعظم خان پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين حقيقتون لڪائي سائفر جو ڪوڙو ۽ بي بنياد بيانيو گهڙيو، بي اعتمادي رٿ کان بچڻ لاءِ سائفر کي پرڏيهي سازش جو رنگ ڏنو ويو. اعظم خان جي بيان موجب “پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سائفر کي غلط رنگ ڏئي عوام جو بيانيو بدلائي ڇڏيندس”. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين نوَ مارچ تي مون کان سائفر ورتو ۽ بعد ۾ گم ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين پي ٽي آءِ سائفر ڊرامي ذريعي عوام ۾ مُلڪي سلامتي ادارن خلاف نفرت جو ٻڄ ڇٽيو. اعظم خان چيو ته سائفر کي ڄاڻي واڻي مُلڪي سلامتي ادارن ۽ آمريڪا جي ڳٺ جوڙ جو رنگ ڏنو ويو، منع ڪرڻ باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين ڳجهو خط ذاتي مفاد لاءِ لهرايو. ذريعن موجب اٺ مارچ 2022ع تي پرڏيهي سيڪريٽري اعظم خان کي سائفر بابت ٻڌايو. شاهه محمود قريشي اڳوڻي وزيراعظم کي سائفر بابت پهريان ئي ٻڌائي چڪو هو پر اڳوڻي وزيراعظم سائفر کي اپوزيشن ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف بيانيو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اعظم خان جي بيان موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سائفر پاڻ وٽ رکي ڇڏيو جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي هئي، سائفر واپس گهرڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اِهو گم ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button